بلاول ڀٽو پاران پنجاب ۾ مڪاني چونڊ مهم پاڻ هلائڻ جو فيصلو

لاهور(بيورو) پيپلزپارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو  زرداري پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پارٽي مهم جي واڳ پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ هن پنجاب جي اڳواڻن جو اهم اجلاس 25 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ گهرائي ورتو آهي. بلاول ڀٽو سڀاڻي اسلام آباد پهچندو، جتي پهرين مرحلي  هو مڪاني چونڊن لاءِ رٿيل ضلعن جي پارٽي عهديدارن سان ملاقات ڪندو. 25 آگسٽ تي فيصل آباد ضلعي ۽ شهر جا اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندا، اهڙي ريت 26 آگسٽ تي ننڪانا صاحب، قصور 27 آگسٽ تي اوڪاڙا، پاڪ پتن، 28 آگسٽ تي گجرات، لاهور ۽ 29 آگسٽ تي ڀڪر ۽ چڪوال جا اجلاس گهرايا ويا آهن. پارٽي قيادت جي درخواست تي ڏکڻ پنجاب جي ٽن ضلعن جو اجلاس بلاول هائوس لاهور ۾  سڏائڻ جو امڪان آهي پر ان ڏس ۾ اڃان آخري فيصلو ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *