بلاول ڀٽو پاران مڪاني چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن جي مائٽن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو، نوان چهرا آڻڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي مائٽن کي مڪاني چونڊن ۾ ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني چونڊن ۾ نوان چهرن کي آڻڻ جو فيصلو ڪندي پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي مائٽن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي سختي سان انهيءَ فيصلي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چونڊيل نمائندن جي مائٽن کي مڪاني چونڊن ۾ ٽڪيٽ نه ڏني وئي ۽ انهيءَ حوالي سان پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.  پيپلزپارٽي جي چيئرمين/بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ نئون ديرو هائوس ۾ مختلف ضلعن جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو پيو وڃي. بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ نئون ديرو هائوس ۾ اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ گهوٽڪي، خيرپور، قمبر ۽ ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڪيل تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر، تاج حيدر، وڪار مهدي، علي گوهر خان مهر، علي نواز مهر، ڄام مهتاب ڏهر، احمد علي پتافي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پ پ  ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻن پارٽي پاران نظر انداز ڪرڻ تي بلاول ڀٽو آڏو شڪايتون ڪيون، جنهن تي پارٽي چيئرمين سندس خدشا فوري طور ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ مڪاني چونڊن بابت تيارين جو جائزو ورتو پيو ويو، جڏهن ته بلاول ڀٽو پاران عهديدارن ۽ اڳواڻن کان ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي سنڌ اندر مڪاني چونڊن ۾ سئو سيڪڙو ڪاميابيءَ جو ٽاسڪ ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي دوري تي آيل عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو سربراهه ڀلي ڪيترا به دورا يا جلسا ڪري پر سندس ڪابه حيثيت ناهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام کيس رد ڪري چڪو آهي پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون پارٽي ڪارڪنن لاءِ امتحان آهي، عهديدار عوام سان رابطي ۾ رهي هيٺئين سطح تي تنظيم سازي ڪن هن واضح ڪيو ته پارٽي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، مفادن پرستن لاءِ وٽن ڪابه جاءِ ناهي. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ماضيءَ ۾ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ۽ هاڻي به اپاءَ ورتا پيا وڃن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *