بلاول ڀٽو سياسي خوف جو نالو آهي، جلد پي ٽي آءَ جي دوڪانداري ختم ٿي ويندي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي( اي پي پي)  اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو اڱاري تي اطلاعات کاتي سنڌ جي آفيس جو اوچتو دورو ڪيو ۽ مختلف سيڪشنز جو معائنو ڪيو ۽ ملازمن جي حاضري بابت معلومات ورتي ۽ هدايت ڪئي ته غيرحاضر ملازمن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪم نه ڪندڙ ملازمن لاءِ کاتي ۾ ڪابه جاءِ نه آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جو هڪ اهم کاتو آهي، جنهن جي ذريعي حڪومتي ڪارڪردگي کي عوام تائين پهچائڻ جو اهم ڪم سرانجام ڏنو وڃي ٿو. دوري دوران مولابخش چانڊيو ڊائريڪٽر پريس انفارميشن زينت جهان ۽ سندس سيڪشن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته توهان جي فرض شناسي ساراهه جوڳي آهي ۽ آئون اوهان جي ڪارڪردگي کان تمام گهڻو مطمئن آهيان. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات عمران عطاءُ سومرو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن زينت جهان ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. ان کان علاوه صلاحڪار مولابخش چانڊيو اتي موجود صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو سياسي مخالفن جي هوش حواس تي طاري ٿي چڪو آهي ۽ مخالفن لاءِ بلاول ڀٽو سياسي خوف جو نئون نالو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي جا اڳواڻ عجيب ۽ غريب ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهن جي دڪانداري ختم ٿيڻ واري آهي ۽ مسلسل ناڪامين سبب پي ٽي آئي بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ ان لاءِ سندن اڳواڻن جي لهجي ۾ چڙ نظري اچڻ لڳي آهي. هن چيو ته هر جماعت سان جهيڙي جي عادت سبب اڄ پي ٽي آئي اڪيلائپ جو شڪار آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ان جو نوجوان باحوصلا اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ئي هن ملڪ ۽ عوام جي مسئلن جو واحد حل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *