بلاول ڀٽو سان رحمان ملڪ ۽ مخدوم رفيق زمان جي الڳ الڳ ملاقات

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان اڱاري تي پ پ اور سيز جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ پ پ جي ايم پي اي مخدوم رفيق زمان بلاول هائوس ۾ الڳ الڳ ملاقات ڪئي، سينيٽر رحمان ملڪ بلاول ڀٽو کي پيپلز پارٽي اوور سيز جي پارٽي تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني ۽ پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ زلزلي سٽيلن سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته پ پ زلزلي جي متاثرن جي رليف ۽بحالي جي ڪمن ۾ پنهنجن سمورن وسيلن جو استعمال ڪندي، بلاول ڀٽو چيو ته ڪي پي ڪي جي قيادت کي ان ڏس ۾ پهريائين هدايتون جاري ڪيون آهن، پ پ جي ايم پي اي مخدوم رفيق زمان پارٽي چيئرمين کي مٽِياري ضلعي جي سياسي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته مٽِياري ضلعي جي 2 يوسيز مان پارٽي جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ضلعي ۾ مخالفن جي اتحاد باوجود پ پ جا سمورا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *