بلاول ڀٽو زلزلي متاثر علائقن جَي دوري تي پشاور پهچي ويو، اسپتال ۾ زخمين جي عيادت

پشاور (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زلزلي متاثر علائقن جَي دوري تي پشاور پهچي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين سان عيادت ڪئي آهي، جنهن دوران سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري زلزلي سبب زخمي ٿيلن جي عيادت لاءِ پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهتو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه، شيري رحمان ۽ ٻيا صوبائي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ڪئي، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. بلاول جي آمد جي موقعي تي اسپتال ٻاهران کارادر تارون لڳائي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو خيبرپختونخواهه جي دوري تي پهتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *