بلاول ڀٽو زرداري ۽ عسڪري قيادت قيام امن لاءِ صوبي جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا آهن: آغا سراج دراني

ڪراچي (اين اين آءِ) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ عسڪري قيادت قيام امن لاءِ صوبي جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا آهن بلاول جي فيصلي تي عمل ڪندي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪامياب بڻائينداسين رينجرز جي قدمن سان ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي دهشتگردن ۽ لينڊ مافيا کان ڪراچي کي پاڪ ڪرائڻ جو ڪريڊٽ رينجرز کي آهي ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجلي جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي شهرين جي مفاد ۾ ٿيندي هو سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي چيمبر ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پارٽي کي اعتماد ۾ وٺي ڪور ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي آهي 18هين ترميم کان پوءِ رينجرز جي اختيارن کي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لازمي آهي رينجز جي ڪارڪردگي تسلي بخش آهي شهر کي يرغمال بڻائيندڙ عنصرن کي ختم ڪرڻ تي رينجرز کي سلام پيش ڪيان ٿو رينجرز جو معاملو اسيمبلي آيو ته قانون مطابق غور ٿيندو ۽ ان حوالي سان فيصلو ايوان ڪندو. ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي سان هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجلي جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي شهرين جي مفاد ۾ هوندي بجلي نه هئڻ سبب 15 ڪلاڪ جرنيٽر تي گذارو ڪيو غريب ڪين گذارو ڪندا هوندا ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *