بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز، ايم اين اي فريال ٽالپر به دبئي پهتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن، زرداري هائوس دبئي ۾ ٻنهي اڳواڻن ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ايم اين اي فريال ٽالپر به موجود آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن، زرداري هائوس دبئي ۾ ٻنهي اڳواڻن ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ايم اين اي فريال ٽالپر به موجود آهي. فريال ٽالپر بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري سان خوشگوار موڊ ۾ فوٽو به ڪڍرايا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کان پهريان لنڊن ۾ پارٽي ڪنونشن گهرائڻ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، بلاول ڀٽو جو زور آهي ته پهريان پارٽي ڪنونشن لنڊن ۾ گهرايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *