بلاول ڀٽو زرداري کان تقريبن 20 سوال پڇيا ويا، جعلي اڪائونٽس جي معاملي تي سوالنامي جو تفصيل سامهون اچي ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) مبينه جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ۾ قائم ٿيل گڏيل جاچ ٽيم پاران بلاول ڀٽو زرداري کي موڪليل سوالنامي جو تفصيل آڏو اچي ويو ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري کي تفصيلي سوالنامو موڪليو ويو آهي جنهن ۾ بلاول کان زرداري گروپ جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اٽڪل 20 سوال پڇيا ويا آهن ذريعن موجب سوالنامي ۾ بلاول کان پڇا ڪئي ويئي ته زرداري گروپ جا ڪاروباري معاملا ڪير ڏسي ٿو ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اوهان ڪڏهن ذميواريون سنڀاليون زرداري گروپ جو اومني گروپ سان ڪاروباري تعلق جي نوعيت ڇا آهي ذريعن موجب بلاول کان لڪي انٽرنيشنل جي اڪائونٽ مان زرداري گروپ ۾ جمع ڪيل پئسن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي آهي جڏهن ته عمير ايسوسيئيٽ، اوشين انٽرپرائيزز ۽ ڊريم ٽريڊنگ اينڊ ڪمپني بابت سوال به شامل آهن ذريعن موجب سوالنامي ۾ پڇا ڪئي ويئي ته عمير ايسوسيئيٽ اڪائونٽس مان پئسن جون 34 منتقليون ڪيئن ٿيون آهن گهرنمبر ڊي 30 بلاڪ، 3 ڪلفٽن جو 15 لک 40 هزار رپئن جو پاڻي جو بل هو، 20 اپريل 2015 تي هي بل هڪ خانگي بئنڪ ۾ ميسرز رائيل انترنيشنل جي اڪائونٽ مان ڪيئن جمع ڪرايو ويو بلاول هائوس کي کاڌو فراهم ڪندڙ ريسٽورنٽ کي لاجسٽڪ ٽريڊنگ جي اڪائونٽ مان 44 لک 40 هزار رپيا ڪيئن ادا ڪيا ويا پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فاروق ايڇ نائڪ بلاول ڀٽو لاءِ جي آءِ ٽي جو سوالنامو وصول ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي بلاول ڀٽو کي 22 نومبر تي ان حوالي سان سمن موڪلي هئي سمن ۾ بلاول ڀٽو کي 28 نومبر تي گهرايو ويو هو پر بلاول ڀٽو جي آءِ ٽي جي سمن تي پيش نه ٿيو هو جڏهن ته 23 نومبر تي بلاول ڀٽو زرداري جي قانوني ٽيم جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي پنهنجي لکت جواب ۾ ٻڌايو آهي ته ان جي مئوڪل کي زرداري گروپ پرائيويٽ لميٽيڊ جي لين دين جي حوالي سان خبر نه آهي ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري پاران جي آءِ ٽي کي ڏنل لکت جواب ۾ چيو ويو هو ته سندس پيءُ آصف علي زرداري سمورا ڪاروباري معاملا ڏسي رهيو هو بلاول پنهنجي جواب ۾ دعويٰ ڪئي ته جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته هو زرداري گروپ پرائيويٽ لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر مان آهي جڏهن ته هن ڪاروباري معاملن ۾ حصو ناهي ورتو سمورا معاملي سندس پيءُ آصف علي زرداري ڏسندو هو تنهنڪري جي آءِ ٽي کي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت ان کان ئي پڇا ڳاڇا ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *