بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي 25 سينيئر اڳواڻن کي دبئي طلب ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي 25 سينيئر اڳواڻن کي دبئي طلب ڪري ورتو، 19 سيپٽمبر تي اهم اجلاس ٿيندو، اجلاس جو ايجنڊا “پيپلز پارٽي کي نئين سري سان بحال ڪيئن ڪجي“ هوندو، آصف زرداري چيو آهي دير جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي ڪاميابي سڀني لاءِ سبق آهي، مخالفن جا وات بند ٿي ويا آهن..پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي 25 سينيئر اڳواڻن کي دبئي طلب ڪري ورتو آهي، جن ۾ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد شاهه، سينيٽر اعتزاز احسن، سعيد غني، قمر زمان ڪائرا، منظور وٽو، مخدوم احمد محمود ۽ ٻيا شامل آهن.پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس 19 سيپٽمبر تي دبئي ۾ ٿيندو، اجلاس جو ايجنڊا “پيپلز پارٽي کي نئين سري سان بحال ڪيئن ڪجي“ هوندو.اجلاس ۾ پ پ جي نئين سر تنظيم سازي بابت صلاح مشورا ڪري اهم فيصلا ڪيا ويندا.ٻئي پاسي، آصف زرداري چيو آهي ته اپردير جي ننڍي چونڊ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي مخالفن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، عورتن جي وڏي انگ ووٽ جو حق استعمال ڪيو. آصف زرداري چيو ته دير جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي ڪاميابي سڀني لاءِ سبق آهي، پيپلز پارٽي جي ختم ٿيڻ واريون ڳالهيون ڪندڙن جا وات هاڻي بند ٿي ويا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *