بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ ۽ والاريل ڪشمير ۾ شاگرد يونين تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو پاڪستان جي وڏي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبي سنڌ ۽ والاريل ڪشمير ۾ شاگرد يونين تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪري مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتي پارٽين پاڪستانمسلم ليگ ن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي به امتحان ۾ وجهي ڇڏيو،هنن ڏينهن ۾ حڪومتي پارٽين به 2013ع جي پنهنجي چونڊ منشور ۾ پارٽي ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونين سازي جو حق ڏيڻ ۽ اتي چونڊون ڪرائڻ جا عهد ڪيا آهن.ياد هجي ته گذريل پ پ واري دور جي اقتدار ۾ اچڻ سان ئي 2008ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني صوبائي حڪومتن کي اهم هدايتون ڏنيون هيون ته ترت ان بابت قانون ۽ صابطا ٺاهين ۽ ترت ئي قانون ۽ ضابطا ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيڻو هو پر 5 سال ماٺ ۾ گذري ويا ۽ پيپلز پارٽي جي دور ۾ شاگرد يونين جي چونڊن جو اعلان سياسي نعرو ثابت ٿيو۽ چونڊون نه ٿي سگهيون.هاڻي تازو ئي سينيٽ پاران شاگرد يونين تان پابندي هٽرائڻ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ اهو معاملو ايوان جي پوري ڪميٽي جي حوالي ڪرٻ کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شاگرد يونين جي چونڊن وارو معاملو بحث هيٺ اچي ويو آهي.اهو به ياد هجي ته 3 ڏهائيون اڳ ضاءَ الحق شاگرد يونين کي پنهنجي لاءِ خطرو تصور ڪندي ان تي پابندي لڳائي هئي،جنهن تي تعليمي ادارن ۾ تشدد کي هٿي ملي،ان حوالي سان تعليمي،ثقافتي روايتن کي وڏو لوڏو آيو هو.هاڻي ٻه ڏينهن اڳ پ پ  جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڪشمير ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومتن کي اتي شاگرد يونين جي چونڊن لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ بابت چيو آهي.والاريل ڪشمير جي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير ان بابت ضروري ضابطا واضع ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي بابت چيو پيو وڃي  ته ڇا پيپلز پارٽي جو اهو اعلان هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي نعرو ثابت ٿيندو؟ يا واقعي سنڌ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ٻيهر يونين جون چونڊون ٿينديون؟ بلاول ڀٽو زرداري جي اعلان ملسم ليگ ن جي مرڪز پنجاب ۽ بلوچستان،جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت کي به وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي.ڇا اهي ٻئي پارٽيون به پنهنجي حڪومتن کي شاگرد يونين جي چونڊن بابت چئي سگهنديون ڇو ته شاگرد يونين جي چونڊن جو مطالبو ته مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف به چونڊن واري منشور ۾ رکيو آهي ،جڏهن ته تعليم به صوبائي معاملو آهي ۽ ڄاڻايل ٻنهي پارٽين جون حڪومتون به شاگرد يونين جي انهن چونڊن لاءِ ضابطا ٺاهڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *