بلاول ڀٽو زرداري هڪ ٻن ڏينهن۾ پرڏيهي وزير جو حلف کڻندو: قمر الزمان ڪائرا

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري لنڊن ۾نوازشريف سان ملاقات کان پوءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي تفصيل موجب بلاول ڀٽو زرداري 3 ڏينهن لنڊن ۾ رهيو لنڊن ۾ دوري دوران بلاول ڀٽو زراري اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ٻه ملاقاتون ڪيون ملاقاتن ۾ پ پ پاران سينيئر اڳاوڻ شيري رحمان قمرزمان ڪائره ۽ نويد قمر به موجود رهيا قمرزمان ڪائره جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ ٻن ڏينهن۾ پرڏيهي وزير جو حلف کڻندو واضح رهي ته بلاول ڀٽو لنڊن ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي ان کان سواءِ هن اڳوڻي وزيراعظم جي افطار جي دعوت ۾ به شرڪت ڪئي دعوت افطار جي موقعي تي نوازشريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ اهم ملڪي معاملن تي ڳالهيون به ڪيون ويون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *