بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ رهندڙ سڀني مزدورن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي کاتي واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ سيسي گورننگ بورڊ جو 153 اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ مزدورن ۽ صنعتڪارن جي تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسي سان سڀ کان وڌيڪ سنڌ جو مزدور متاثر ٿي رهيو آهي ۽ سموري ملڪ جا مزدور سنڌ جي ڪارخانن جو رخ ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ رهندڙ سڀني مزدورن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. صوبائي وزير سعيد غني چيو پ پ پ هميشه مزدورن جي ڀلائي لاءِ قانون سازي کي پهرين ترجيح ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زداري مزدورن جي معاشي حقن سان گڏ بنيادي حقن لاءِ پڻ قانون سازي ڪئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا بڻايل ادارا اڄ به مزدور دوستي جي زندهه مثال آهن. اطلاعات ۽ پورهئي کاتي واري صوبائي وزير چيو ته سموري ملڪ جا مزدور زورگار جي تلاش ۾ سنڌ جو رخ ڪندا آهن. سعيد غني چيو ته پورهئي کاتي جي اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ بهتر کان بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ سيسي جي اهتمام هيٺ ادارن کي عالمي معيار موجب وٺي وڃڻو پوندو جنهن لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. سعيد غني چيو ته وفاق جي معاشي پاليسي سموري ملڪ جي پورهيتن کي زهر ڏئي مارڻ جي برابر آهي ۽ معاشري جو هر طبقو پريشاني جو شڪار آهي هن چيو ته وفاق جي عوام کي ختم ڪرڻ واري پاليسي سان ملڪ پوئتي هليو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *