بلاول ڀٽو زرداري جي لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا ۾ هندو برادري طرفان ڪوٺايل ڏياري جي تقريب ۾ شرڪت،

لاڙڪاڻو(بيورو ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا مندر ۾ پهچي ويو. سندس استقبال ايم اين اي رميش لعل، ايڊوڪيٽ ڪلپنا ديوي ۽ ٻين ڪيو. بلاول ڀٽو جي آمد دوران سيڪيورٽيجي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. بلاول ڀٽو زرداري سموري ڌرم شالا مندر جو دورو ڪيو. هندو برادري پاران بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ۽ دليپ سوئيٽ جي مشهور مٺائي کائڻ لاءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي هن هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون ڏنيون. ساڻس ايم ايم اي فريال ٽالپر، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، سينيئر وزير سنڌ نثار احمد کهڙو، ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ ٻيا اڳواڻ گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *