بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ پ پ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس، چئني صوبن ۾ صوبائي ۽ ماتحت تنظيمون ٽوڙڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چئني صوبن ۾ صوبائي ۽ ماتحت تنظيمون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته هر صوبي مان پنج پنج ميمبرن تي ٻڌل وقتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا نون عهديدارن جي چونڊجڻ تائين معاملا هلائيندي جڏهن ته پاناما پيپرز جي معاملي تي ٻه جدا جدا ڪميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هڪ ڪميٽي اپوزيشن جماعتن سان رابطو جڏهن ته ٻي قانوني معاملن جو جائزو وٺندي قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته قانوني معاملن تي قانوني وضاحت جي ضرورت آهي پ پ معاملن کي سنجيدگي سان کڻي هلڻ گهري ٿي. اربع تي بلاول هائوس ۾ پ پ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيو  اجلاس ۾ فريال ٽالپر، راجا پرويز اشرف، فاروق ايڇ نائيڪ، اعتزاز احسن، نير حسين بخاري، لطيف کوسا، شيري رحمان نويد قمر، جهانگير بدر، سليم مانڊي والا، رحمان ملڪ، قمرالزمان ڪائره، اعجاز جکراڻي ، جميل سومرو، رخسانه بنگش، فوزيه حبيب ۽ فرحت الله بابر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ۽ پارٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پ پ پي ٽي آءِ جي راءِ ونڊ ڌرڻي ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي اجلاس ۾ عمران خان جي راءِ ونڊ ڌرڻي جي مخالفت ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو کي موجوده سياسي صورتحال ۽ پاناما معاملي تي بريفنگ ڏني وئي آهي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاناما ليڪس جو معاملو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ويندو پر عمران خان جي ڌرڻي ۾ شامل نه ٿيڻو پوندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به ڳالهايو ويو ته پاناما ليڪس جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏجي يا ان کي پنهنجي حالت تي ڇڏي ڏجي جڏهن ته پ پ جي ڪور ڪميٽي مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي  پارٽي جي اڪثريت مسلم ليگ (ن) جي ٻيهر مدد سياسي خودڪشي جي برابر چيو آهي رحمان ملڪ، اسحاق ڊار سان ٿيندڙ ملاقات ۽ موجوده سياسي صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) جي مدد بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *