بلاول ڀٽو جي ان انداز کي ڏسي اڄ عمران خان ۽ ميان نواز شريف کي ڏياري ياد آئي آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات ۽ تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڏياري ملهائڻ جي شروعات گذريل سال پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو ۾ هندو ڪميونٽي سان گڏجي ملهائي شروع ڪئي. بلاول ڀٽو جي ان انداز کي ڏسي اڄ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن کي ڏياري ياد آئي آهي. ڏياري ملهائڻ جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداريءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ اهو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو کان ڪير به کسي نه ٿو سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ آر ايس يو پاران منعقد ڪيل سيمينار کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سياست اکاڙي ۽ مڇي مارڪيٽ جو نالو نه آهي ۽ سنڌ ۾ ڪهڙي جماعت مقبول آهي اهو اسان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته 8 ضلعن جي مڪاني چونڊن ۾ اهو عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪير مقبول آهي. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته بايوميٽرڪ جي تحت هڪ لک 43 هزار استادن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ بايو ميٽرڪ رجسٽريشن جي ڪري استان جي حاضري ۽ اسڪولن جي خراب صورتحال جي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته اسڪولن ۾ انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ شاگردن کي هڪ ويلي جي ماني فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ساڍا 4 لک شاگردياڻين کي ڏيڍ ارب رپين جو وظيفو ڏنو ويو آهي جيڪو هر سال ڏنو ويندو. هن چيو ته هر بورڊ مان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي 10 هزار رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته خراب اسڪولن جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپين جي منصوبي سان هڪ سال اندر پهرين مرحلي ۾ 16 سئو اسڪولن ۾ سڀئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *