بلاول پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه ناهي ڪيو، کيس وراثت ۾ سياست ملي، اسان کي پيو سمجهائي: شبلي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مائنس ون اپوزيشن جي ذهني پيداوار آهي اپوزيشن/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 41

پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ اهڙي قسم جا هٿڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي اپوزيشن کي پنهنجن گناهن جي معافي وٺڻ گهرجي لٽيل رقم واپس آڻي وزيراعظم عمران خان جو پنهنجو ڪوئي ڪاروبار نه آهي سڀ اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺا آهن موٽر سائيڪلن تي ايندڙن محل ٺاهي ورتا انهن جي ڪيسن جو ڇا ٿيو بلاول ڀٽو سياست جي لاهن چاڙهن کان واقف نه اهي عمران خان پنهنجي سياست لاءِ گهٽي گهٽي گهميو پيپلزپارٽي ادارن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين نٿي کي ماضي ۾ پنجاب ۾ سينٽرل لاهور تي وڌيڪ ترقياتي ڪم ٿي باقي پنجاب کي نظرانداز ڪيو ويو سمورين ايئر لائينن جي اسٽاف جي ڊگرين جي تصديق ڪئي ويندي شڪي لائسنس وارا پائيليٽس برطرف ڪيا ويا آهن اسان جا پائليٽس جيڪي جهاز اڏائي رهيا آهن انهن جون ڊگريون 100 سيڪڙو ڪليئر آهن جعلي ڊگرين وارن پائليٽس جي خلاف بنا فرق ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته وفاقي ڪابينه هائڊرو پاور پراجيڪٽ جي ٽن منصوبن عثمان ناصر، جي ايم ڊي سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ اينڊ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن لاءِ آڊيٽر جنرل جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو ته سستي بجلي جي منصوبن سان مهانگا پلانٽ بند ٿي ويندا اربع تي ڪابينه اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي ڄاڻ ڏيندي شبلي فراز چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ آڊيتر جنرل جي رپورت تي بحث ٿيو آهي هن چيو ته ڪابينه هائڊرو پاور پراجيڪٽ جي ٽن منصوبن جي منظوري ڏني ويئي متبادل توانائي جي منصوبن کي هٿي وٺرائڻ تي به ڳالهه ٿي آهي وفاقي وزير چيو ته متبادل توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۾ رنڊڪون هٽائڻ تي ڳالهه ٿي آهي هن چيو ته سستي بجلي جي منصوبن سان مهانگا پلانٽ بند ٿي ويندا. هن چيو ته پرووينشنل فنانس ڪميشن جي ذريعي صوبن ۾ بنا فرق ترقياتي ڪم ٿيندا وفاقي وزير چيو ته ترقياتي ڪمن ۾ پئسن جي اجايو استعمال کي روڪڻ لاءِ خسرو بختيار جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ويئي ڪميٽي 90 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي شبلي فراز چيو ته عثمان ناصر کي ايم ڊي صافٽويئر ايڪسپورٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اي ٽيمبرنگ جو سلسلو جاري رهندو هن چيو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن لاءِ آڊيٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي هن چيو ته زائرين لاءِ جوڙيل ايس او پيز ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوسس ڪنداسين شبلي فراز چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خانگي حصيدارن کي راغب ڪيو ويندو شبلي فراز چيو ته وزيراعظم ادارن کي فعال ڪرڻ ۽ ميرٽ ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته ڇا ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو هن چيو ته اپوزيشن کي گهرجي ته پنهنجن گناهن جي معافي وٺي ۽ لٽيل رقم واپس آڻي شبلي فراز چيو ته ماضي ۾ بجلي جا مهانگي منصوبن جا معاهدا ڪي اويا ماضي ۾ بجلي جي روانگي نظام تي ڌيان نه ڏنو ويو وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن ڪرونا بابت بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪري رهي آهي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ماضي ۾ پي آءِ اي ۾ بيشمار سياسي ڀرتيون ڪيون ويون هن چيو ته پيپلزپارٽي ادارن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين نٿي رکي سينيٽر شبلي فراز چيو ته اپوزيشن عمران خان کي مافيازجي خلاف ڪارروائي تي پنهنجو نشانو بڻائي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *