بلاول پاران باغ جناح جو دورو، جلسي جي انتظامن جو جائزو ورتو ، قوم جي دعائن سان پ پ تاريخي جلسو ڪندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خميس تي باغ جناح جو دورو ڪيو ان سان گڏ سيد اويس مظفر شرجيل انعام ميمڻ عبدالقادر پٽيل نجمي عالم جميل سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر تي باغ جناح ۾ پيپلزپارٽي جي ٿيندڙ جلسي جي انتظامن جو جائزو ورتو پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر عبدالقادر پٽيل بلاول ڀٽو زرداري کي جلسي جي تيارين ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ان موقعي تي اتي موجود ڪارڪنن بلاول ڀٽو زرداري کي پاڻ سان گڏ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ سندس حق ۾ نعرا هنيا. بلاول ڀٽو زرداري هٿ لوڏي ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته جلسي ۾ ڪارڪنن ۽ عوام جي سهولتن لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن خاص ڪري عورتن لاءِ انتظام بهتر ڪيا وڃن جلسي گاهه ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي موقعن تي ڊسيپلين جو خاص خيال رکيو وڃي ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر جو جلسو عوامي جلسو هوندو ۽ هن جلسي ۾ ڀٽو جا جيالا شهيد بينظير جا جانثار ۽ عوام شريڪ ٿيندو پيپلزپارٽي عوامي جماعت آهي قوم جي دعائن سان پيپلزپارٽِ تاريخي جلسو ڪندي ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري هن مزار تي گلن جا چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي ترقي ۽ امن لاءِ خاص دعا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *