بلاول جون ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون، هيلري ڪلنٽن ڏاڍي بهادري سان مقابلو ڪيو: پ پ چيئرمين

ڪراچي(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪ ڏئي ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو نالو بلاول آهي، آئون مسلمان ۽ پاڪستاني شهري آهيان.  هن وڌيڪ چيو ته هيلري ڪلنٽن ڏاڍي بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ آئون اميد ڪريان ٿو ته هي شڪست اوهان کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *