بلاول، آصف زرداري جي ڪرپشن جو وارث آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَجي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول آصف زرداري جي ڪرپشن جو وارث آهي بلاول صاحب اوهان کي اوهان جي پارٽي کي ڪرپشن ۽ حڪومت تي رڳو تنقيد کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي فرخ حبيب مٿس تنقيد ڪئي فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب گلگت بلتستان جي تازين چونڊن ۾ اوهان جي اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿيون،  آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ به اهڙي طرح ئي شڪست اوهان جي انتظار ۾ آهي پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گلگت بلتستان جي اليڪشن کان اڳ به اوهان اهڙي طرح رڙيون ڪري رهيا هئا مملڪتي وزر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ جي پوزيشن سڀ کان بهتر آهي اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي فرخ حبيب چيو ته تاريخ شاهد آهي جنهن اليڪشن ۾ بلاول ۽ مريم ويا اتي پي ٽي آءِ کي رڪارڊ ووٽ مليا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *