بزدلاڻين ڪاررواين سان حوصلا ڪمزور نه ٿيندا: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊفينس جي علائقي گزري ۾ ايس ايس پي ايس آءِ يو فاروق اعواڻ جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس کي واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حملي ۾ ايس ايس پي فاروق اعواڻ ۽ ٻين زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڌماڪي ۾ ٿيل زخمين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير چيو ته دهشتگرد عوام جي جان ۽ مال جي محافظ سيڪيورٽي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، انهن بزدلاڻي ڪارروائين سان پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. هن چيو ته حڪومت دهشتگرديءَ کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي. هن آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ اها رٿابندي ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻئي طرف هين آئيني ترميم کان پوءِ پاڪستان اسپورٽس بورڊ ضرورت مند رانديگرن ۽ سندن گهرڀاتين کي وظيفا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته راندين وارو کاتو سنڌ حڪومت وٽ ڪوئي فنڊ نه آهي اها ڳالهه سيد قائم علي شاهه پاران جمعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي لاءِ هڪ سوال جي لکت واري جواب ۾ ٻڌائي ويئي سنڌ جي وڏي زوير ٻڌايو ته 18هين آئيني ترميم کان اڳ سنڌ جو راندين وارو کاتو مستحڪ رانديگرن ۽ مرحوم رانديگرن جي گهر ڀاتين کي مالي امداد يا وظيفا ڏيڻ متعلق ڪيس پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي روانو ڪندو هو ۽ بورڊ هي وظيفا ڏيندو هو پر 18هين ترميم کان پوءِ بورڊ هي سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته سنڌ جي راندين واري کاتي وٽ ضرورت مند رانديگرن کي مالي امداد ڏيڻ لاءِ فنڊ نه آهن. تنهنڪري وزيراعليٰ سنڌ لاءِ هڪ سمري قائم ڪئي ويئي آهي ته جيئن مستحڪم رانديگرن ۽ مرحوم رانديگرن جي گهرڀاتين کي مالي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ريوارنگ فنڊ قائم ڪري سگهجي. هڪ ضمني سوال تي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ٻڌايو ته راندين سان لاڳاپيل ٽن شخصيتن پاران امداد/وظيفن جون درخواستن راندين واري کاتي کي مليون آهن ان لاءِ حڪومت فنڊ فراهم ڪرڻ جا انتظام ڪري رهي آهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران ٻڌايو ويو ته مالي سال 8-2007 ۽ 9-2008 دوران راندين واري کاتي کي فٽبال کي هٿي ڏيڻ لاءِ 52 لک 64 هزار رپيا جڏهن ته والي بال کي هٿي ڏيڻ لاءِ 48 لک 95 هزار رپيا خرچ ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *