برٽش ايئر جي واپسي، نالائق حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف جي ڪم تي پنهنجي ڪوڙي تختي لڳائي خوش ٿي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب برٽش ايئر ويز جي پاڪستان ۾ واپسي تي چيو آهي ته نالائق حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف جي ڪم تي پنهنجي ڪوڙي تختي لڳائي خوش ٿي رهي آهي، هڪ بيان ۾هن چيو ته برٽش ايئرويز ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ 10 سالن کانپوءِ آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، هن چيو ته 13 فيبروري 2018 تي پاڪستان ۾ 2 جون 2019 تي آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ چيو هو، هن چيو ته انشاالله موجوده نالائق حڪومت جي دور ۾ جيڪا سٺي خبر هوندي اها پاڪستان ۾ نواز شريف جو تحفو هوندو، مهرباني نواز شريف، هن چيو ته نالائق وزيراعظم اڃا به ٻين نواز شريف جي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ ڪوڙ ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ ڄاڻي واڻي دير ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران صاحب، نواز شريف جي منصوبن نواز شريف جو ٺپو لڳل آهي ۽ عوام انهن منصوبن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو، هن چيو ته ڪوڙي حڪومت جي دور ۾ جيڪو منصوبو شروع ٿيندو ان تي به نواز شريف جو ٺپو لڳل هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *