بريڪ کانپوءِ واپسي تي ائين ٿو لڳي ته ڪڏهن فلمن کان پري ٿي ئي ناهيان: ايشوريا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره ايشو ريا راءِ چيو آهي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪڏهن فلمن کان پري ئي نه ٿي آهيان، ايشو ريا راءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ هاڻ فلم “ جذبا” ۾ ڪم ڪري رهي آهي ،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بريڪ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيمرا سامهون اچڻ سٺو لڳو، جڏهن ته سنجي ڀنسالي سان ڪم جو به پنهنجو ئي مزو آهي، هن چيو ته فلم جي سموري ڪاسٽ عرفان، شبانه جي، چندان، جنگو ۽ ٻيا سڀ تمام گهڻو سهڪاري رهيا ۽ مون کي انهن سان ڪم ڪري خوشي ٿي آهي، ايشوريا راءِ بچن چيو ته دهلي اچڻ ۽ انڊسٽري جي گهڻن ئي ساٿين سان ملاقات ڪري گهڻو سڪون محسوس ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *