برما ۾ ڪارروائي پاڪستان لاءِ پيغام آهي، ڀارت پاڪستان تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت، پاڪستان کي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ڀارتي وزير راجيا ورڌن سنگهه راٺوڙ جو چوڻ آهي ته برما ۾ فوجي ڪارروائي پاڪستان لاءِ واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن نئين دهلي کي خطرو محسوس ٿيو ته اسلام آباد تي حملو ڪري سگهجي ٿو. ڀارت جي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير راجيا ورڌن سنگهه راٺوڙ هڪ انٽريو ۾ چيو ته برما جي سرحد اندر گهڙي علحدگي پسندن خلاف ڪارروائي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪم تي ڪئي وئي. هن چيو ته برما ۾ ڪارروائي پاڪستان سميت انهن سمورن ملڪن لاءِ واضح پيغام آهي ته جتي ڀارت مخالف نظريات جا ماڻهو رهن ٿا. راجيا ورڌن سنگهه راٺوڙ چيو ته هڪ دهشتگرد رڳو دهشتگرد هوندو آهي ان جي ڪا ٻي سڃاڻپ ناهي هوندي. هن چيو ته پاڪستان سميت انهن سمورن مخالف ملڪن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي جيڪي ڀارت خلاف دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارت تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ جتان به خطرو محسوس ٿيو ته هـُو اتي جارحاڻي ڪارروائي ۾ اڳرائي ڪندا. ياد رهي ته ڀارتي فورسز ۽ نيشنل سوشلسٽ پارٽي آف ناگالينڊ جي علحدگي پسندن وچ ۾ ڀارت ۽ برما جي سرحد تي چڪريون ٿيون هيون جنهن ۾ ڀارتي اختيارين طرفان ڪيترن ئي علحدگي پسندن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *