برما ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، پر عالمي برادري اکيون ٻوٽي ويٺل آهي:سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته برما ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، پر عالمي برادري اکيون ٻوٽي ويٺل آهي. اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ برما جي مسلمانن تي ظلم خلاف يادداشت نامون جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته برما ۾ مسلمانن جو قتل عام جاري آهي. هن چيو ته برما ۾ ٻڌ ڀڪشوئن هٿان هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ مسلمانن بيدردي سان قتل ٿي چڪا آهن پر عالمي برادري ان معاملي تي پنهنجون اکيون ٻوٽي ويٺل آهي. سراج الحق چيو ته برما ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڏسي او آءِ سي جو وجود ئي بي معنيٰ لڳي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسلامي دنيا جا حڪمران مسلمانن مٿان ظلم تي گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ٿي ويا آهن. سراج الحق اعلان ڪيو هو ته 14 جون تي اسلام آباد ۾ برما جي مسلمانن جي حق ۾ احتجاج ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *