برف تيزي سان پگهرجڻ ۽ برساتن سبب تباهي آئي آهي: نواز شريف

گلگت بلتستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف پاران گلگت  بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقي گهانچي جي نئين سر تعمير لاءِ 50 ڪروڙ، ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي 5-5 لک ۽ گهرن جي تعمير لاءِ اڍائي لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  وزيراعظم چيو ته برف تيزي سان پگهرجڻ ۽ برساتن سبب تباهي آئي آهي، متاثرن جي بحالي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. گلگت بلتستان جي علائقي گهانچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هـُو گلگت جي عوام جو ٿورائتو آهي، جن ن ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏنا، عوام جي ووٽن جي ڪري ئي اڄ گلگت بلتستان ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي.  وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ جي اڪثر حصن ۾ ٻوڏ جي صورتحال، پاڪ فوج، سول انتظاميه ۽ ٻيا ادارا متاثرن جي بحالي ۾ مصروف آهن، جنهن تي هـُو کين سلام پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته تيزي سان برف پگهرجڻ ۽ برساتن سبب ٻوڏ آهي پر الله جو شڪر آهي ته ٻوڏ سبب گهٽ تباهي آئي آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو آهي، حڪومت گهانچي جي نئين سر بحالي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا فراهم ڪندي. وزيراعظم نواز شريف ٻوڏ دوران فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِپنج-پنج لک ۽ هر زخمين لاءِ ڏيڍ لک رپين جو اعلان ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب جن جي گهرن کي نقصان پهتو آهي، انهن کي اڍائي اڍائي لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته جن جو چوپايو مال مري ويو آهي، انهن کي به 15 کان 50هزار تائين معاوضو ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته خوشحالي جو دور گلگت بلتستان جي تقدير بدلائي ڏيندو، ماضي ۾ گلگت جي بجيٽ اسلام ۾ منظور ٿيندي هئي پر هاڻي گلگت قانون ساز اسيمبلي ۾ ئي ٿيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *