برطانيه جي راڻي سان ملاقات دوران شلوار قميض پائڻ تي سرفراز مٿان تنقيد، گوهر خان سندس دفاع ۾ اچي وئي

نئين دلي(اسپورٽس نيوز) برطانيه جي راڻي سان ملاقات دوران قومي ڪپڙا پائڻ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي سوشل ميڊيا تي ڪجهه عنصرن طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن تي ڀارتي اداڪارا سرفراز احمد جي دفاع ۾ سامهون اچي وئي.تفصيل/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 02

موجب ڀارتي اداڪارا گوهر خان سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر  تي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ سرفراز احمد جي شلوار قميض پائڻ تي تنقيد ڪندڙن کي سٺو ٻڌائيندي سرفراز احمد کي پنهنجي ثقافت جي نمائندگي ڪرڻ ۽ قومي ڪپڙا پائڻ تي ساراهيو.گوهر خان سرفراز احمد تي تنقيد ڪندڙڻ کي جواب ڏيندي لکيو ته سرفراز هتي پنهنجي ثقافت جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ انهن ڪپڙن ۾ خوبصورت لڳي رهيو آهي.گوهر خان لکيو ته هر انسان کي وقار ۽ فخر سان پنهنجي مرضي جا ڪپڙا پائڻ جو حق آهي، هن ڪينيڊين صحافي طارق فتح کي جواب ڏيندي لکيو ته مون کي ايئن لڳي ٿو ته اوهان کي ان باري ۾ ڪجهه خبر ناهي ته پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪيئن ڪئي ويندي آهي، شايد اوهان سان سڃاڻپ جو مسئلو آهي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *