برطانيا جي هائي ڪمشنر خورشيد شاهه سان ملاقات، پيرس حملن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) برطانيا جي هائي ڪمشنر فلپ بارٽن جي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان ملاقات، پيرس حملن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کانسواءِ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته دنيا ۾ وڌندڙ  دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششو ڪيون وينديون،دهشتگردي هڪ اهڙو ناسور آهي  جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، سید خورشید احمد شاهه برطانيا جي هائي ڪمشرن کي زلزلي کان متاثر مالاڪنڊ سوڌو ٻين علائقن بابت به پنهجن تازن دورن کان ڄاڻ ڏني خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته مالاڪنڊ ۾ لکين ماڻهو زلزلي جي تباهي جو شڪار ٿيا آهن ۽ انهن جي بحالي اسان لاءِ هڪ چيلينج آهي،جڏهن ته فلپ بارٽن پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ تعاون ڪرڻ بابت به مخالف ڌُر جي اڳواڻ کي ڄاڻ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *