برطانيا جي اڳوڻي ڊانسر پريسفون رضوي اسلام قبول ڪرڻ جا سبب ٻڌائي ڇڏيا

لنڊن(شوبز نيوز) اڳوڻي برطانوي ڊانسر پريسفون رضوي اسلام قبول ڪرڻ جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ان ڳالهه تان پردو کنيو آهي ته هن اسلام ڇو قبول ڪيو. برطانوي نشرياتي خابرو اداري بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ پريسفون اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ واري زندگيءَ کان بيزار ٿي پوڻ جو اعتراف ڪيو انگلينڊ جي هڊرز فيلڊ ٽائون سان تعلق رکندڙ پريسفون چيو ته مان ننڍپڻ کان ئي هڪ لاپرواهه قسم جي ڇوڪري هيس، وڏي ٿيڻ کانپوءِ منهنجا ڏينهن ئي  نه پر راتيون به نائيٽ ڪلبس ۾ گذرنديون هيون. نامناسب ڪپڙن سان گڏ ڊانس ڪرڻ، شراب واپرائڻ ۽ راتيون پارٽين ۾ گهارڻ معمول بڻيل هو. پر جلد ئي هن زندگيءَ مان بيزار ٿي پيس پريسفون چيو ته اسلام قبول نه ڪيان ها ته پنهنجي ذهني ۽ جسماني صحت جي مسئلن کي ڪڏهن به منهن ڏئي نه سگهان ها. هن چيو ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪاروهنوار کان بيزار ٿي مسجد ۾ وڃي اسلام قبول ڪيو. بعد ۾ يونيورسٽي وڃڻ کان هڪ سال اڳ پنهنجي مسلمان دوست حليمه جي چوڻ تي روزو رکيو ۽ روزو رکڻ کانپوءِ زندگيءَ ۾ اهڙي تبديلي آئي جو اسلام ڏانهن لاڙو وڌندو ويو اڳوڻي ڊانسر پريسفون رضوي چيو ته اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ مون رڳو پنهنجا ڪپڙا ئي نه پر پنهنجي سڃاڻپ به تبديل ڪري ڇڏي، سوشل ميڊيا تان پنهنجيون سموريون نامناسب تصويرون ڊليٽ ڇڏي ڪريون ۽ هاڻي حجاب به ڪيان ٿي ۽ هاڻي مرد به تنگ نه ٿا ڪن. هن چيو ته مون کي اسلام بابت پنهنجا نظريا ۽ خيال بيان ڪرڻ ۾ ڪا به گهٻراهٽ يا شرمندگي نه پئي ٿئي پريسفون اعتراف ڪندي چيو ته اسلام منهنجي زندگي بچائي آهي ۽ هاڻي مان زندگيءَ جي اونداهين گهڙين کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهان ٿي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *