برطانوي وزيراعظم گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جي پٽ کي برطانيا ۾ مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو

لنڊن (م.ڊ) برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون پنجاب گورنر چوڌري محمد سرور جي پٽ کي برطانيا ۾ مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب خميس ڏينهن پنجاب گورنر چوڌري محمد سرور جي پٽ کي مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور جو پٽ انس چوڌري برطانيا ۾ پارليامينٽ ميمبر آهي، انس چوڌري کي شيڊو منسٽر آف اسٽيٽ برطانيا براءِ بين الاقوامي ترقي مقرر ڪيو ويو. گورنر سرور چوڌري جو پٽ انس چوڌري پنهنجي والد جي جاءِ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبر چونڊيو هو. چوڌري سرور به گلاسگو مان ڪئين ڀيرا پارليامينٽ ميمبر چونڊيو پرپوءِ پاڪستاني سياست ۾ اچڻ بعد هن پنهنجي برطانوي شهريت ختم ڪري ڇڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *