برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ٿيل ملاقات جو الطاف حسين جي پيشيءَ سان ڪو به واسطو ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ٿيل ملاقات جو الطاف حسين جي پيشيءَ سان ڪو به واسطو ناهي، عمران فاروق کي قتل ڪندڙ جوابدارن وٽ لنڊن وڃڻ جو ڪرايو به نه هو، بعد ۾ اڪائونٽس کولرائي رقم منتقل ڪئي وئي، ڪيس ۾ گرفتار معظم علي مک جوابدار آهي، برطانيه سان جوابدارن جي حوالگي سان معاهدو ناهي، هاءِ ڪمشنر تي واضح ڪيو آهي ته جوابدارن جي بدلي توهان کي به سهڪار ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  چوڌري نثار چيو ته گهرو وزير جي حيثيت سان هـُو ڪنهن پرڏيهي سفير کي بريفنگ نٿو ڏئي سگهي، آئين ۽ قانون تحت هـُو رڳو صدر، ڪابينا ۽ پارليامينٽ کي ئي جواب ڏيڻ جو پابند آهي.  هن چيو ته  هن وقت تائين  سان عمران فاروق قتل ڪيس ۾ برطانيه سان جيڪا ڄاڻ جي مٽا سٽا ٿي آهي،   اهو حڪومت جو فيصلو هو، ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ کين جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو هو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته برطانيه کي گهربل جوابدار پاڪستان فراهم ڪري ۽ بدلي ۾ ساڻن ڪو به سهڪار نه ڪيو وڃي، هاءِ ڪمشنر آڏو واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن جوابدار گهربل آهن ته  بدلي ۾ پاڪسان سان به سهڪار ڪرڻو پوندو. چوڌري نثار چيو ته عمران فاروق کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي هوائي سفر ڪرڻ لاءِ ڪرائي جا پئسا به نه هئا، بعد ۾ انهن جا اڪائونٽس کولرايا ويا ۽ رقم منتقل ٿي، اهي ماڻهو ڪنهن اداري وٽ ويا،حڪومت وٽ اهو رڪارڊ به موجود  آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس گذريل ٽن سالن کان بلائينڊ ڪيس بڻجي ويو هو، اسڪاٽ لينڊ يارڊ لاءِ روشندان پاڪستاني سڪيورٽي ادارن  ڪيو،  ڪيس کي اڳتي وڌائڻ جو ڪريڊٽ به هتان جي سڪيورٽي ادارن ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي جي گرفتاري انتهائي اهم ڪاميابي آهي، جوابدار  ڪيس ۾ اهم ڪردار آهي ، کيس فون ٽريس ڪري دستاويزن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ بابت هو ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي بيان جي آجيان ڪري ٿو پر متحده جا ڪجهه ماڻهو آجيان ڪن ٿا ۽ ڪجهه شڪ ظاهر ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هو ان معاملي تي سياسي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ته وٽس ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. چوڌري نثار چيو ته عمران فاروق قتل ۽ شفقت حسين ڦاهي ڪيس ۾ پاڪستان جي ساک ۽ عدالتي نظام تي سوال اٿاريا ويا، عمران فاروق ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *