برطانوي جوڊيشل سسٽم تي سوال پيا ٿن، متحده باني وارو معاملو پاڪ_برطانيا ۾ رنڊڪ آهي: چوڌري نثار

لنڊن (اين اين آءِ/م.ڊ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي باني جو معاملو پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ رنڊڪ آهي، اسين چاهيون ٿا ته هي معاملو طئي ٿي وڃي.برطانيا جي گهرو وزير سان ملاقت بعد  لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته برطانيا جي جوڊيشل سسٽم تي سوال اٿي رهيا آهن. برطانيا عمران فاروق قتل ڪيس جي ٽنهي جوابدارن کي وٺڻ نٿو چاهي. هن چيو ته برطانيا جي گھرو وزير سان عمران فاروق قتل ڪيس تي سمورن ثبوتن جي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي گھرو وزير چيو آهي ته معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهيون. چوڌري نثار وڌيڪ چيوته عمران فاروق قتل ڪيس جو معاملو منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. هن لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ جي طريقيڪار تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.   ٻئي طرف گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جون اڳوڻي برطانيا جي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون  ۽ گهرو وزير سان ملاقاتون، ملاقاتن دوران پاڪ برطانيا لاڳاپا، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اڳوڻي برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون جا يادگار جملا جنهن ۾ هن چيو ته هو پاڪستان جو دوست برطانيا جو دوست ۽ پاڪستان جو دشمن پاڪستان جو دشمن آهي جو حُوالو ڏيندي گهرو وزير چيو ته پاڪستاني عوام جي دلين ۾ ڊيوڊ ڪيمرون لاءِ عزت ۽ احترام آهي ۽ ان جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، گهرو وزارت جي ترجمان موجب گهرو وزير برطانوي اڳوڻي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان ان جي جمهوريت، ان جي ادارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني عوام لاءِ هڪ مخلص ۽ سچي دوست وانگر هو، توهان جي سپورٽ کي هميشه ياد رکيو ويندو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ برطانيا لاڳاپن جي حوالن سان مختلف موضوعن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جي سلسلي ۾ طئه ٿيل معاملن ۾ اڳڀرئي تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، برطانوي وزيراعظم خطي ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن حڪومت پاڪستان ۽ عوام لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *