برطانوي اخبار جي خبر رد، ملڪ تي عادي ڪوڙا مڙهيل آهن: ن ليگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ تي عادي ڪوڙا مڙهيل آهن، ايسيٽ ريڪوري يونٽ هڪ رپين جي ڪرپشن نه ڪڍي سگهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن هڪ به ثبوت نه مليو ته هڪ اسٽوري پلانٽ ڪئي وئي، شهزاد اڪبر جي نوڪري وڃڻ واري آهي. هن چيو ته 2008ع کان 2012ع تائين ايرا وفاقي سرڪار جي ماتحت ڪم ڪيو، ترجمان صاحبه چئي رهي هئي ته مشرف دور ۾ شهباز شريف ڌاڙو هنيو.  سندس چوڻ هو ته حڪومت ڏينهن رات عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، بني گالا ۾ ويهي اسٽوري جي منصوباندي ڪئي وئي. مريم اورنگزيب چيو ته ڊيل ميل ڪوڙي اخبار آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف سان دشمني ۾ ملڪ دشمني ڪئي پئي وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙي خبر ذريعي ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي،  ڊيوڊ روز جي عمران خان سان ملاقات ۾ شهزاد اڪبر به شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڊيلي ميل جون خبرون من گهڙت ۽ بنياد هونديون آهن، صحافي ڊيوڊ روز بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڊيلي ميل جي اسٽوري شهزاد اڪبر پلانٽ ڪرائي، 2016ع ۽ 2017ع ۾ ڊيلي ميل جعلي اسٽورين بند ٿيندي ٿيندي رهجي وئي. مريم اورنگزيب چيو ته جعلي اڪائونٽس ذريعي پي ٽي آءِ 2018ع ۾ چونڊ وڙهي، يوڪي ايڊ خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي اخبار جا شهباز شريف تي الزام واويلا آهن. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اڍائي سالن کان الزام ۽ دعوائون ٻڌي رهيا آهيون،  امداد ڏيڻ لاءِ هڪ مڪمل عمل هوندو آهي،  شايع ٿيل خبر جي پنجن حصن ۾ شهباز شريف جي ڪارڪردگي ۽ منصوبن جي واکاڻ ڪئي وئي،  خبر جي شڪي ذريعن واري حصي ۾ سمورا سازشي نظريا ۽ الزام هنيا ويا آهن. هن چيو ته خبر ۾ برطانيا جي ڪنهن سرڪاري رپورٽ جو ذڪر ناهي، خبر من گهڙت، بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي جيڪا عمران خان صاحب جي سازشي ذهن جي پيداوار آهي.  سندس چوڻ هو ته برطانوي اخبار جي خبر ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل سميت  عالمي ادارن ۽  ڊيفيڊ طرفان فنڊن جي شفافيت جو اعتراف ڪيو ويو آهي.  مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف هڪ هڪ پائي ايمانداري ۽ شفافيت سان خرچ ڪئي، اهڙيون خبرون ملڪ تي ماڻهو کلائڻ لاءِ شايع  ٿي رهيون آهن، ڪوڙي خبر ذريعي برطانوي امدادي اداري کي بدنام ڪرڻ جو ڪريل طريقو استعمال ڪيو ويو، خبر شايع ڪندڙ اخبار جي شهرت، ساک ۽ ڪردار جي سڀني کي خبر آهي.  هن چيو ته سياسي انتقام ۾ امدادي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اصل خبر عمران نيازي جي 18 جعلي اڪائونٽن جي آهي جنهن سان خوف پيدا ٿيو آهي، اصل ۽ سچي خبر برطانيا مان اچڻي آهي جيڪا اربين ڊالر جي خرد برد ۽ مني لانڊرنگ بابت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *