برصغير جي نالي واري گلوڪار محمد رفيع کي مداحن کان وڇڙندي 37 سال گذري ويا

ممبئي (شوبز نيوز) سرن جي بي تاج بادشاهه ۽ برصغير جي نالي واري گلوڪار محمد رفيع کي مداحن کان وڇڙندي 37 سال گذري ويا، ان جي آواز اڄ به ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري ٿو، ليجنڊ گلوڪار جي اڄ 37هين ورسي ملهائي پئي وڃي. 24 ڊسمبر تي امرتسر جي علائقي ڪوٽلا سلطان سنگھه جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ وارو محمد رفيع ڇهن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٻئي نمبر تي هيو محمد رفيع تيرهن سالن جي عمر ۾        لاهور ريڊيو تان پنجابي گانا ڳائي فني سفر جو آغاز ڪيو ۽ سترهن سالن جي عمر موسيقار  شام سندر جي دعوت تي ممبئي هليو ويو. ٽن ڏهاڪن تائين ممبئي فلمن تي راج ڪندڙ محمد رفيع  دليپ ڪمار ، ديو آنند، ڌرميندر، جتيندر ۽ اميتاب بچن جھڙن اداڪارن جي لاءِ گانا ڳايا. محمد رفيع کي فلم فيئر ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *