برسات کانپوءِ دريائن ۾ چاڙهه، مٿين درجي جي ٻوڏ، آچر کان ساوڻي جي وسڪاري جي اڳڪٿي

ڪراچي / لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ برساتن کانپوءِ دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ آهي. سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سانوڻي جي برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ آهي. فلڊ ڪنٽرول روم موجب سنڌو درياءَ ۾ راجن پور واري هنڌ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي جنهن سبب دريائي رستن تي پوکيل فصل لڙهي ويا آهن جڏهن ته سنڌو درياءَ جي رستن تي آباد ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، درياءَ جي حدن ۾ ڪچي جي علائقي ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي ماڻهن محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جا اعلان به ڪرايا پيا وڃن. فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽ مٺن واري هنڌ ٻه لک 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي جڏهن ته چناب درياءَ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب هاءِ فلڊ الرٽ جاري آهي، زوب، قلات ۽ ڊي جي خان ڊويزن  ۾ دريائن ۽ برساتي نالن ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  موسميات کاتي موجب برساتن سبب ڪابل درياءَ ۾ نوشهره وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، 24 ڪلاڪن دوران راوي ۽ چناب سان لاڳاپيل ندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال هوندي، ڊي جي خان جي پهاڙي ندين نالن ۾ به هيٺين سطح جي ٻوڏ هوندي.ٻئي طرف موسميات کاتي آچر کان سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ توڙي اترين ضلعن ۾ سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب آچر کان اڱاري تائين ميرپور، ٺٽي، حيدرآباد، ڪراچي ۽ بينظير آباد ۾ تيز طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان آهي. سکر، لاڙڪاڻي، زوب، سبي ۽ نصير آباد جي ڪجهه هنڌن تي به تيز طوفان سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي. بلوچستان ۾ قلات، مڪران، ڊوزن ۾ تيز برسات ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. برساتن سبب ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد ڊويزن ۾ اربن فلڊنگ جڏهن ته قلات، سبي، زوب ڊويزن ۾ به فلش فلڊنگ جو خطرو آهي. موسميات کاتي سمورن ادارن کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *