برسات سڄي ملڪ ۾تباهي مچائي ڇڏي، 49 ڄڻا فوت، سنڌ ۽ پنجاب ڪڻڪ تباهه

اسلام آباد/لاهور (اين اين آءِ) پنجاب سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران برسات ۽ ڳڙي تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته گهرن جون ڇتون ڪرڻ سبب 49 ڄڻا فوت ۽ 176 زخمي ٿي پيا، 117 گهرن کي نقصان پهتو آهي،  ميڊيا رپورٽن موجب سموري ملڪ ۾طوفاني هوائن ۽ تيز برساتن سبب ڀتون ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ 49 ڄڻا فوت ۽ 176 زخمي ٿي پيا آهن. 117 گهرن کي نقصان پهتو آهي، برساتن سبب ڪڻڪ سميت هزارين ايڪڙن تي بيٺل فيصل تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻوڏ وهڪرن ۾ ڪيئي ڪچا گهر به لڙهي ويا آهن.شانگالا ۾ چغزئي جي هنڌ تي  برسات سبب روڊ تي سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ گاڏي کاهي ۾ وڃي ڪري، گاڏي ۾ سوار چار ڄڻا فوت ۽ ست زخمي ٿي پيا. اوڪاڙا جي علائقي حويلي لکا ۾ ڇت ڪرڻ سبب ٽي معصوم ٻارڙيون فوت ٿي ويون. بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ برسات ۾ ڪچي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه ٻارڙا ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا دڪي ۽ سبي ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿيا بارکان ۾ ندي مان هڪ همراهه جو لاش مليو آهي. بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، زيارت، سبي، مستونگ ۽ ٻيا علائقا ۾ پاڻي هيٺ آهن. چاغي جي علائقي دالبندين ۾ 3 شاگرد برساتي نالي ۾ لڙهي ويا، جن مان 2 فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ کي ڳڻتي جوڳيءَ حالت ۾ ڪڍي اسپتال پهچايو ويو آهي. پوليس ذريعن مطابق اهو واقعو ڪلي خداءِ رحيم ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن شاگرد اسڪول مان واپسيءَ تي نالي ۾ وهنجي رهيا هئا، ان دوران پير تِرڪڻ سبب اونهي پاڻيءَ ۾ ڪِري ٻُڏي ويا، جن کي فوري ريسڪيو ڪري پرنس فهد اسپتال دالبندين اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 9 سالن جو حشمت الله ۽ 8 سالن جو جهانزيب دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، جڏهن ته ٽئين ٻار کي ابتدائي علاج بعد وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئيٽه منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن بلوچستان ۾ريلوي ٽريڪ ٻڏي وڃڻ ڪري ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ بولان ميل کي روڪيو ويو، 3 ٽرينون سبي اسٽيشن تي روڪيون ويون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *