براڊ شيٽ سان في الحال ڪوبه معاهدو ناهي.  موجوده حڪومت عدالت ۾ اپيل داخل ڪرائي پر ڪيس هارائي وئي: شهزاد اڪبر

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته حڪومت جو براڊ شيٽ سان ڪوئي ورڪنگ رليشن نه آهي ۽ نه ئي ايسٽ ريڪوري يونٽ ڪنهن به خانگي ايجنسي سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ايسٽ رڪوري يونٽ جا ٽرمز آف ريفرنسز ڪابينه ڊويزن پاران 5 سيپٽمبر 2018 جا نوٽيفاءِ ڪيا ويا آهن جيڪي عوام لاءِ دستياب آهن جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ اجلاس دوران سوال ۽ جواب جي وقفي ۾ وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ اسيمبلي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا ڪراچي کان دالبدين لاءِ پي آءِ اي جي اڏام بحال ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ غلام سرور خان چيو ته ان تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ فيبروري تائين ان کي بحال ڪيو ويندو قومي اسيمبلي ميمبر شجاع فاطمه سوال ڪيو ته ايسٽ رڪوري يونٽ جو حصو ادارا ڪيترن ئي سالن کان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ته ان جو ڇا اهڙو ڪردار آهي جو ان تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيو پيو وڃي. ان جي جواب ۾ مرزا شهزاد اڪبر چيو اهي ته ايسٽ رڪوري يونٽ جا ٽرمز آف ريفرنسز ڪابينه ڊويزن پاران 5 سيپٽمبر 2018 جا نوٽيفاءِ ڪيا ويا آهن جيڪي عوام لاءِ دستاب آهن هن چيو ته ايسٽ رڪوري يونٽ جو ڪردار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ آهي ۽ ان رابطي سان سٺا نتيجا اچن ٿا هن چيو ته رابطي جا مختلف طريقا آهن اسان جي برطانيا سان به ايسٽ رڪوري جو معاملو ٿيو ان جي سربراهي احتساب بابت خاص مددگار ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي ڪا پگهار نٿو وٺي ان کان سواءِ ٻين ادارن جا سبراهه ان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن کي پهريان ئي سرڪاري پگهار ملي رهي هئي. ۽ کين ان ڪم جا ڪي وڌيڪ پئسا نٿا ڏنا وڃن شهزاد اڪبر چيو ته ان تي خرچ تمام گهٽ آهن ۽ ان ادارن جي رڪوري ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. پي پي جي اڳواڻ نويد قمر سوال ڪيو ته براڊ شيٽ کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ ايسٽ رڪوري يونٽ جي تحت اچي ٿي يا نه ۽ ڇا اهڙي قسم جي ٻين ادارن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن هن سوال ڪيو ته ايسٽ رڪوري يونٽ ادارن وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪهڙو ڪم ڪري ٿو شهزاد اڪبر جواب ڏيندي چيو ته براڊ شيٽ جو معاهدو حڪومت سان 2000 ۾ ٿيو ۽ 2003 ۾ رد ٿي ويو هن چيو ته ان کان پوءِ 2008 ۾ ان جو حڪومت سان ٻيهر رابطو ٿيو جنهن وقت کيس 10 لک ڊالر ادا ڪيا ويا ۽ ان جي ٻي ڪمپني انٽرنيشنل ايسٽ رڪوري تي 2 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڏنا ويا. هن ٻڌايو ته 2009 ۾ نوٽيس مليو ته براڊ شيٽ جا پئسا غلط ڪمپني کي ڏنا ويا آهن پوءِ ان ڪمپني جي آر بي ٽريشن جو عمل اسٽارڊ ٿيو ۽ 2016 ۾ ان جي پڄاڻي ٿي ۽ پاڪستان حڪومت تي واجب الدا مقرر ڪيو ويو 2018 جي مئي يا جون ۾ ان جو ڪوانٽم جوڳ فيصلو آيو جنهن جي مد ۾ ساڍا 21 ارب رپين جو ڏنڊ ٿيو هن چيو ته 2003 ۾ معاهدو رد ٿيڻ کان پوءِ هن وقت حڪومت جو براڊ شيٽ سان ڪوئي ورڪنگ رليشن نه آهي شهزاد اڪبر چيو ته ايسٽ رڪوري يونٽ ڪنهن به خانگي ايجنسي سان گڏجي ڪم نه پيوڪري ۽ ڪنهن سان نئون معاهدو ناهي ڪيو ويو هن چيو ته اي آر يو رابطن کان علاوه جاچ ۾ مدد بين الاقوامي ايجنسيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ٻاهرين ملڪ مدد ڏيارڻ جو ڪم ڪيو آهي. اجلاس دوران احسن اقبال ضمني سوال ڪرڻ لاءِ اسپيڪر کي درخواست ڪئي جيڪا اسپيڪر رد ڪري ڇڏي جنهن تيليگي اڳواڻ ۽ اسپيڪر اسيمبلي وچ ۾ منهن ماري به ٿي احسن اقابال چيو ته اوهان ليڊر آيو اوهان کي مسلم ليگ (ن) نظر نٿي اچي جنهن تي اسپيڪر چيو ته اوهان وزير رهيا آهيو پاڻ کي پروفيسر چئو ٿا طريقي سان ڳالهايو چوڌري فقير احمد پورونو گرافي سان معاشري ۾ خرابي جي حوالي سان قانونسازي جو مطالبو ڪيو ۽ سوال ڪيو ته سائبر ڪرائيم، جا ڪيترا ڪيس ٿيا ۽ ماڻهن کي سزائون ٿيون آهن علي محمد خان جواب ڏيندي چيو ته اسان لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ ماڻهن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي ان لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي ۽ پيڪا ايڪٽ ۾ وقت سر ترميم به ڪئي پئي وڃي ڪيسن ۽ سزائن جي حوالي سان هن چيو ته ان بابت نئون سوال ڏنو وڃي ته اسان ان جو پورو جواب ڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *