بدين ۾ ڪچو شراب پيئڻ سبب 4 ڄڻا فوت، هڪ جي حالت نازڪ

بدين(ڊ.ر) بدين ضلعي جي شهر کورواھ  جي ڳوٺ محمد نندو ۾ ڪچوشراب پيئڻ سبب چار ڄڻا فوت هڪ ڄڻي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس حيدرآباد علاج لاءِ روانو ڪيوويو،خبرموجب کورواھ جي ڳوٺ محمدنندو ۾ شادي جي تقريب ۾ ڪچو شراب پيئڻ سبب هندوخاندان سان تعلق رکندڙ 3 ڄڻا ويسي باجاڻو رامون باجاڻو درمشي ۽  ڪارو ڪولهي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻي مالهوجي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس حيدرآباد علاج لاءِ روانو ڪيوويو آهي، ڳوٺ جي چڱي مُڙس بچل نندو ٻڌايو ته باجاڻا اسان جي ڳوٺ جا رهواسي ۽ هاري آهن، گذريل رات هنن جي شادي هئي جتي وڏي مقدار ۾ شراب پيتائون، جنهن سبب فوت ٿيا آهن، ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته شادي واري تقريب ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهن ڪچو شراب پيتو جنهن مان ڪجھ انهي وقت ئي بيهوش ٿي ويا جن کي کورواھ جي اسپتال مان علاج ڪرائي فارغ ڪيوويو، ٻين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري سول اسپتال بدين ۾ آندو ويو، جتي چار ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جي خبر پوڻ تي وارثن ۾ رڙيون پئجي ويون، کور واھ واري واقعي جو ايس ايس پي قيوم پتافي سخت نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کور واھ محمد بخش چانڊيوکي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *