بدقسمتي سان حڪومت وٽ ڪا سوچ، ويزن يا سياست ناهي، اتحادين کي پنهنجو محتاج سمجهي ٿي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ۽ اتحادين جو الائنس ميرٽ تي ناهي ٿيو، اهو اتحاد حالتن تحت ٺهرايو ويو آهي.  پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومتي اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽيون سياسي آهن ۽ انڪري ڪاوڙيل آهن جو حڪومت ساڻن ڪنهن به معاملي تي صلاح مشورو نٿي ڪري جڏهن ته حڪومت سمجهي ٿي ته اسان کين اقتدار جو حصو بڻايو ۽ کين اسپيڪرشپ ڏني آهي.  پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته اتحادي سندن محتاج آهن پر حڪومت اهو سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ته اتحادين جي ڪري ئي سندن حڪومت ٺهي آهي. پنجاب حڪومت ۾ تبديلي بابت سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ تبديلي جي هوا گهلندي ته پوءِ ڏسنداسين جڏهن ته پيپلز پارٽي سان پنجاب ۾ تبديليءَ لاءِ ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي.  خورشيد شاهه چيو ته بدقسمتي سان حڪومت وٽ ڪا سوچ، ويزن يا سياست ناهي ۽ حڪومت ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار ناهي.  ساهيوال سانحي بابت ڳالهائيندي پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته پنجاب ۾ جي آءِ ٽي بدران پارلياماني ڪيمٽي جوڙڻ گهرجي. ساهيوال سانحو پنجاب حڪومت جي نااهلي آهي جڏهن ته جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *