بدعنواني معاشرتي ڦَٽ بڻجي چڪي آهي، گڏيل تعاون سان ئي سدباب ممڪن آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير جي اينٽي ڪرپشن، قانون ۽ اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪرپشن جهڙن ڦَٽن اسان جي معاشرتي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اسان سڀني کي گڏجي انهيءَ ناسور جي سدباب ڪرڻ جي ضرورت آهي. چيئرمين اينٽي ڪرپشن مختار احمد سومرو اينٽي ڪرپشن کاتي جي تفصيلي رپورٽ اينٽي ڪرپشن جي صلاحڪار کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال 2018 ۾ سنڌ صوبي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ڪميٽين جا ٽوٽل هڪ سو چوڏهن اجلاس ڪوٺايا ويا. اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون، ٽو ۽ ٿري جي ٽنهي زونن تحت ٽي سو اوڻويهه ايف آئي آر درج ڪرايون ويون انهيءَ کان علاوه هڪ هزار سترنهن انڪوائريون ڪيون ويون جنهن تحت ٻه هزار ٽي سو اٺهٺ فردن خلاف کاتي جاتي ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته ڇهه سو 65 انڪوائريون شاهدين جي اڻاٺ سبب خارج ڪيون ويون. انهيءَ کان علاوه 76 انڪوائرين کي ڊيفر ڪيو ويو وڌيڪ اهو ته هڪ سو يارنهن مقدمن جون شاهديون ملڻ تي ٻيهر تحقيق لاءِ درج ڪيو ويو. اهڙي ريت اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽن ڪميٽين ۾ چار هزار ڇهه سو ڏهه ڪيس درج ڪرايا ويا. اينٽي ڪرپشن جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيئرمين اينٽي ڪرپشن مختيار احمد سومرو ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن فياض علي عباسي کي هدايت ڪئي ته ڪرپشن جي معاملن ۾ ڪنهن به شخص سان کيس عهدي جي ڪري ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي. ڪرپشن کي پاڙ مان پٽي ڦٽي ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *