بدسلوڪي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ استحقاق واري رٿ پيش، مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ، مان مري ويس ته اسيمبليءَ کي پاڻ ساگڏ وٺي مرندس: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد قومي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ن ڪارڪنن طرفان بدسلوڪي تي استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان واقعي خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران شيخ رشيد پاڻ سان ٿيل بدسلوڪي تي استحقاق واري رٿ پيش ڪندي چيو ته عزت لاءِ سياست ڪندڙن کي برداشت ڪرڻو پوندو، 59 رڪني ڪابينا جي فرائيڊي مارڪيٽ نظام کي بچائي نه سگهي، اسيمبلي ۾ انٽري پاس کانسواءِ ماڻهو داخل ٿيا، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ماڻهن جي اسيمبليءَ ۾ داخلا تي پابندي آهي، انهن ماڻهن کي ڪنهن اسيمبليءَ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، اسيمبلي ٻاهران به ڀاڙيتو قاتل موجود هئا، سندن 2 کان 3 قتل ٿيل آهن. شيخ رشيد اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ڪارروايون حڪومت ڪري رهي آهي تنهن مان اسيمبلي به محفوظ ناهي، سندن منڍي لاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، 15 سئو ريال هر مهيني وٺندڙ سندس منڍي لاهيندو، مان سٺو آهيان يا خراب اسيمبليءَ جو حصو آهيان، جيڪڏهن مان مري ويس ته اسيمبليءَ کي پاڻ ساگڏ وٺي مرندس. هن چيو ته مون تي حملو ڪيو ويو ۽ مون کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، واقعي تي سندس استحقاق مجروح ٿيو آهي، واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *