بحران پاڪستان فلم انڊسٽري کي تباهي تي بيهاري ڇڏيو آهي : اداڪارا ثنا

لاهور (شوبز نيوز)فلم اسٽار ثنا  چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ ٽيلنٽ جي ڪا به ڪمي نه آهي پر فلم جي ڪاميابي ۽ ان کي عوام جي دلين تائين پهچائڻ جي لاءِ درست  طرف ڏانهن اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ثنا چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي سنهري دور جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هر فلم هڪ ٻي فلم کان مختلف هوندي هئي. هڪ طرف ڪهاڻي جاندار ته ٻئي طرف ميوزڪ به شاندار، هڪ طرف مختلف فنڪارته ٻئي طرف مزاح ۽ لوڪيشنز به جاندار هونديون هيون، پر ان کانپوءِ هڪ ئي جھڙيون فلمون ٺهڻ لڳيون ۽ حالتون سڌرڻ جي بجائي ان وقت خراب ٿيا جڏهن شديد بحران پاڪستان فلم انڊسٽري کي تباهي جي منظر تي آڻي ڇڏيو آهي. ثنا چيو ته هڪ طرف اها ڳالهه ته طئي آهي اسانجي ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ نه آهي پر پاڪستان فلم انڊسٽري کي انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ درست ڊائريڪشن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي،  ڏٺو وڃي ته ڀارت ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري جو سفر  گڏ ئي شروع ٿيو هو پر اڄ باليووڊ ڪٿي آهي ۽  اسان ڪٿي.؟ ان لاءِ ضروري آهي ته ته سينيئر جي رهنمائي سان گڏ قدم اڳتي وڌائڻ گھرجي ته جيئن هو پنهنجي تجربي جي مدد سان جديد ٽيڪنالوجي جي بدولت پاڪستان فلم انڊسٽري کي دنيا تائين پهچائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *