بجيٽ 2021 ۾ گهٽ آمدني وارو طبقو عمران خان جي نشاني تي آهي: بلاول ڀٽو زراري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو آهي ته بجيٽ 2021 ۾ گهٽ آمدني وارو طبقو عمران خان جي نشاني تي آهي پي ٽي آءِ حڪومت معمولي پگهارون کڻندڙن تي معاشي بار وجهڻ چاهي ٿي عوام وزيراعظم جي معاشي خوشحالي واري ڏٽي ۾ نه ايندو عام ماڻهن تي پي ٽي آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ اربين رپين جا ٽيڪس لڳائڻ جي رٿابندي کي رد ڪريون ٿا ٻيڻي رفتار سان ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀتو زرداري چيو ته پيپلزپارتي بجيت ۾ عام ماڻهن کي معاشي طور چٿڻ جي سازش کي ناڪام بڻائيندي ايس پي آءِ انڊيڪس موجب ملڪ ۾ پهريان ئي مهانگائي جي شرح 20 سيڪڙو تائين ٿي رهي آهي هن چيو ته جيڪڏهن بدترين مهانگائي جي دور ۾ پگهاردار طبقي کي ٽيڪسن ۾ جڪڙيو ويو ته ان کان وڏو ٻيو ڪوئي ظلم نه ٿيندو عمران خان اميرن کي ايمنستي اسڪيمون ڏيئي ۽ غريبن کان ٽيڪس وٺي پنهنجي عوام دشمني ثابت ڪري رهيو آهي. بلاول ڀتو زرداري چيو ته مهانگائي سان پريشان عام ماڻهو تي پي آءِ آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ اربين رپين جو ٽيڪس لڳائڻ جي رٿابندي کي رد ڪريون ٿا.  آءِ ايم ايف جي ملازمن کان بجيٽ تيار ڪرائيندڙ عمران خان ٻڌائي ته ان جي معاشي ٽيم ڪٿي آهي بلاول ڀتو زداري چيو ته چوٿين بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ عمران خان ٽيون ناڻي وارو وزير ۽ پنجون واپار وارو سيڪريٽري آندو پر وزيراعطم جي معاشي ٽيم نطر نه پئي اچي پي ٽي آءِ حڪومت بجيٽ کان اڳ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ معاسي تباهي تي جعلي معاشي ترقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انگن اکرن جي ڦيرگير ڪري عمران خان پنهنجي مداحن کان واه واه وٺي سگهي ٿو پر عوام وزيراعطم جي معاشي خوشحالي جي دوکي ۾ نه ايندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *