بجلي چوري روڪڻ لاءِ ٽرانسفارمر به لاهي سگهجن ٿا:خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جن علائقن مان بجلي جون رهتون ادا نه ٿينديون اتي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ٽرانسفارمر به لاهي سگهجن ٿا. آئيسڪو جي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته ٽرانسميشن لائينز جي خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ پاور ٽرانسميشن نظام کي جديد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پهريون ڀيرو صنعتي علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ به ختم ڪئي پئي وڃي پر بجلي چوري ڪندڙ علائقن مان ادائگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ٽرانسفارمر به لاهڻ پيا ته لاهيا ويندا. هن چيو ته ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪن جي اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي پر جن علائقن ۾ بجلي جون رهتون ادا ناهن ٿيون اتي لوڊشيڊنگ جو وقت 15 کان 18 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *