بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ٿيندي، حڪومت واڌو بار پاڻ برداشت ڪندي: عابد شيرعلي/خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي وزير مملڪت عابد شيرعلي چيو آهي ته بجلي جا اگهه نه وڌايا ويندا پر حڪومت واڌو بار پاڻ برداشت ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ جي حڪومت عوام دوست آهي وزيراعظم محمد نوازشريف جي هدايتن جي روشني ۾ حڪومت نيپرا جي نون اگهن جو بار صارفين تي نه وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هي اگهه موجوده سطح تي برقرار رهندا عابد شيرعلي چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صارفين تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. پاڻي ۽ بجليجي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته بجلي جي وڌيڪ بلنگ جي شڪايت تي آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي وڌيڪ يونٽ وجهڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي واڌو رقم صارفين کي واپس ڏني ويندي اسان کي بجلي جي پيداوار سان گڏوگڏ طلب ۽ بجلي چوري تي به ڪنٽرول ڪرڻو پوندو اربع تي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي ۾ خواجه محمد آصف چيو ته وڌيڪ بلنگ جون شڪايتون آهن جڏهن ته وفاقي ڪابينه آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ٻن ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *