بجلي جو شارٽ فال ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عابد شير علي

لاهور (بيورو) لاهور ۾ پاڻي ۽ بجلي واري  مملڪتي وزير عابد شير علي جي کليل ڪچهري دوران بدنظمي ٿي آهي، واپڊا ملازمن پاران هڪٻئي خلاف احتجاج کانپوءِ عابد شير علي وچ ۾ اچي ملازمن  جو احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. لاهور ۾ ملتان روڊ تي قائم ليسڪو آفيس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي جي کليل ڪچهري دوران واپڊا هائيڊرو يونين ۽ پيغام يونين ۾ اسٽيج تي ويهارڻ جي معاملي تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد کليل ڪچهري بدنظمي جي ور چڙهي وئي. واپڊا هائيڊرو يونين ۽ پيغام يونين جي ملازمن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد عابد شير علي ملازمن جو احتجاج ختم ڪرايو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته بجلي جو شارٽ فال ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪوتاهي ڪندڙ ليسڪو آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عابد شير علي چيو ته حڪومت بجلي بحران جي خاتمي لاءِ مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن، واپڊا ملازمن جا مسئلا پڻ حل ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *