بجلي بلن ۾ 7 کان وڌيڪ ٽيڪسز شامل عوام کان 3 ڀيرا جي ايس ٽي اوڳاڙن جو انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) بجلي جي قيمت گهٽائڻ جي دعويدار وفاقي حڪومت پاران بلن ۾ 7 کان وڌيڪ ٽيڪسز شامل صارفن کان 3 ڀيرا جي ايس ٽي وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بجلي جي قيمت گهٽ،ٽيڪسز وڌيڪ آهن، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي دعويدار حڪومت صارفن کان جملي طور 17 بدران 51 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس اوڳاڙي رهي آهي، حڪومت پهريان 17 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس، پوءِ پيداواري لاڳت ۽ فيول ايڊجسمينٽ نالي تي ٽيڪس وٺي ٿي، عوام کي نيپرا پاران ملندڙ رليف تي به ٽيڪس ورتو وڃي، گيس ڊولپمينٽ سرچارج جي نالي تي هر مهيني ساڍا 5 ارب عوام کان ورتا وڃن ٿا، ان کانسواءِ نيلم جهلم سرچاجرز تي 10 پيسا ۽ فنانس ڪاسٽ سرچارجز جي نالي تي 43 پيسا في يونٽ به عوام کي ڏيڻو پوي ٿو، ظلم جي حد اها آهي ته جو بجلي پيدواري ڪمپني کي ادائگي جي دير تي وياج به عوام کان ورتو وڃي ٿو، هي وياج ايڪولائيزيشن سرچارج جي نالي تي صارفن کان 30 پيسا وصول ڪيو وڃي ٿو، انکانسواءِ پي ٽي وي جي مد ۾ 60 رپيا، جڏهن ته ڏيڍ رپيا في يونٽ ايڪسائيز ڊيوٽي به صارفن کان ورتي وڃي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *