باڪسر عامر خان ليور پول واري ڪاميابي پاڪستانين جي نالي ڪري ڇڏي

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ليور پول ۾ ڪينڊين مخالف خلاف کٽڻ واري راند پاڪستانين جي نالي ڪري ڇڏي آهي.پنهنجي وڊيو پيغام ۾ باڪسر عامر خان چيو ته پاڪستانين منهنجي ڪاميابي لاءِ دعائون ڪيون ۽ اها ڪاميابي رڳو منهنجي نه پر پاڪستان ۾ منهنجي سپورٽرن جي به آهي. هن چيو ته پاڪستان وڃي پنهنجي مداحن سان ملاقات ڪندس، جن مون کي سپورٽ ڪيو.عامر خان پاڪستان ۾ باڪسنگ ليگ جو به ارادو رکي ٿو، ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ عامر خان سپر باڪسنگ ليگ ڪرائڻ جو ارادو آهي. هن چيو ته مان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان ايندس، جتي باڪسنگ ليگ بابت وڏو اعلان ڪندس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *