باڊهه کان نصيرآباد ويندڙ ڄڃ سان خوفناڪ روڊ حادثو، ٻه ناريون چيڀاٽجي فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل، شادي ملتوي

باڊهه (رپورٽر) باڊهه شهر جي ڀٽي چوڪ جا رهواسي نوناري برادري سان تعلق رکندڙ باڊهه کان گھوٽ محمد ابراهيم پٽ حسين نوناري کي  پرڻائڻ لاءِ نصيرآباد طرف وڃي رهيا هئا ته باڊهه نصيرآباد روڊ جي سم شاخ وٽ ڄڃ سان گڏ ويندڙ ڄاڃي نوجوان قاسم نوناري پنهنجي ڀيڻ ۽ سئوٽ کي موٽر سائيڪل ذريعي ڄڃ سان گڏ وڃي رهيا هئا ته ڄڃ واري بس کي ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڄڃ واري بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ بس جي آڏو واري ٽائر ۾ بس جي هيٺان موٽر سائيڪل تي سوار ٻئي نوجوان ناريون 13 سالا سونيا ڌيءِ سليمان نوناري 18 سالا ناهيد ڌيءِ فضل نوناري چيڀاٽجي جي فوت ٿي ويون جڏهن ته موٽر سائيڪل هلائيندڙ نوجوان قاسم نوناري زخمي ٿي پيو ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل ناريون پاڻ ۾ سئوٽ هيون بس هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويل ٻن نوجوان نارين جي حالت حادثي دوران ايتري ته خراب ھيون جو سندس جا چھرا سڃاڻپ کان ٻاھر ھيا جڏھن ته حادثي دوران سندس رشتيدار عورتون، مرد ۽ سندس گھر ڀاتي لاش کي ڏسي ڪري زارو قطار روئڻ لڳا ۽ صدمي ۾ ماتم ڪرڻ لڳا ٻئي طرف اھڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو پر ڏيرا ٿاڻي جي حد جي پوليس بروقت واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي جڏهن ته حادثي بعد بس جو ڊرائيور ڄڃ کي رستي تي ئي ڇڏي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ٻئي طرف حادثي جي اطلاع باڊهه اسپتال انتظاميا کي ڏنو ويو جيڪي باڊهه اسپتال جي ايم ايس اطلاع بعد ٻه ايمبولنس حادثي واري هنڌ روانيون ڪري ڇڏيون جنهن بعد فوت ٿي ويل نوجوان نارين جا لاش ايمبولنس ذريعي گهر پهچايو ويو جتي نوجوان نارين جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته شهر توڙي محلي جا سوين ماڻهو تڏي تي پهچي ويا ٻئي طرف شادي واريون خوشيون ماتم  تبديل ٿي ويون جڏهن ته گهوٽ کي ڄڃ سميت حادثي سبب واپس موٽرايو ويو ۽ شادي جون تقريبون ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *