باپ اپوزيشن جي حمايت ڪري ڇڏي، شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائينداسين، آصف زرداري جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي اتحادي جماعت بلوچستان عوامي پارٽي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ بي اي پي جي 4 ايم اين ايز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته بي اي پي جي فيصلي جو قدر ڪيون ٿا، ساٿ ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو الله موقعو ڏنو ته بي اعتمادي جي نتيجي ۾ حڪومت ٺهندي، بلوچستان جي عوام جي تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ انهن جو ساٿ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان خط پارليامينٽ ۾ آڻي، پاڪستان خلاف پرڏيهي مداخلت ثابت ٿي ته ساٿ ڏيندس، جڏهن ته فارن فنڊنگ ۾ تحريڪ انصاف کليل نموني پرڏيهي فنڊنگ ورتي آهي. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته تمام جلد شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائينداسين، بي اي پي پنهنجو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ ڪيو آهي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ق ليگ سان اڃا ڳالهين جي گنجائش موجود آهي، جي يو آءِ جو پارلياماني بنياد خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان آهي، اسان بلوچستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، بلوچستان جو عوام اسان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. اختر مينگل چيو ته سڀ جماعتون هڪ پيج تي آهن، هڪ پيج تي آڻڻ لاءِ حالتن مجبور ڪيو فوج نه، بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اسان تي ٽوڪ ڪئي وئي، بي اعتمادي تي اسان کي ڪاميابيون ملي رهيون آهن، حڪومت جا نمبر مائنس ٿي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *