بايوميٽرڪ نظام متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ۴ هزار کان وڌيڪ استادن استعيفائون ڏنيون آهن: وڏو وزير

ڪراچي(م.ڊ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سکر بئراج جي بحالي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ان جي بحالي سان صوبي جي ۲.٦ ملين ايڪڙ زرعي زمين تائين پاڻي باقائدگي سان پهچندو، اسان استادن جي حاضري تي نگراني لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو آهي، جنهنڪري ۴ هزار کان وڌيڪ استادن استعيفائون ڏنيون آهن. جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن وزير اعليٰ هائوس ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. عالمي بينڪ جي وفد ۾ مئنيجر آپريشنز ملينڊا گوڊ ، ليڊي ڪنٽري اڪنامسٽ انريڪيو بلانڪو آمس، سينئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ سعيد ڊاڊا ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ترقي ۽ منصوبابندي مير هزار خان بجاراڻي، نيوٽريشن پروگرام جو صوبائي ڪوآرڊينيٽر مير حسين علي، اسپيشل سيڪريٽري آبپاشي احمد جنيد ميمڻ، سيڪريٽري زراعت ساجد جمال ابڙو سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻيا آفيسر هئا. ملاقات دوران سکر بيراج جي بحالي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي چيئرمين محمد وسيم بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ عالمي بينڪ جا ۱۲ منصوبا هلي رهيا آهن سکر بيراج جي مرمت، مڪينيڪل ورڪ يعني دروازن ۽ مشينري جي تبديلي ۽ بجلي جي ڪم جي بحالي جي منصوبن تي ۲۰.۲۴ ارب روپيا خرچ ايندو جنهن مان ۱۸ ارب عالمي بينڪ ڏيندي ۽ ۱.۹ ارب سنڌ حڪومت ادا ڪندي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سکر بيراج جي بحالي سان ۲۰ لک کان وڌيڪ ايڪڙ زمين تائين پاڻي پهچي سگهندو. ان موقعي تي عالمي بينڪ جي ڪنٽري چيف اجلاس کي ٻڌايو ته پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ جي ڪري سنڌ گروٿ اسٽريٽجي پروگرام ۾ سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتر ڪم ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *